جيڪي ڀاڳناڻي

جيڪي ڀاڳناڻي

جيڪي ڀاڳناڻي

جيڪي ڀاڳناڻي: بالي ووڊ جو مشهور سنڌي پروڊيوسر ۽ اداڪار جيڪي ڀاڳناڻي، 25 ڊسمبر 1984ع ۾ ڪلڪتي، هندستان ۾ پيدا ٿيو. هن ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. ڪجهه وقت اسسٽنٽ پروڊيوسر طور پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ هن باقاعدي 2009ع ۾ فلم ’ڪل ڪس ني ديکا هئي‘ ۾ اداڪار طور ڪم ڪيو، جنهن کي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ کيس آئيفا اوارڊ مليو. 2011ع ۾ هن فلم فالتوءَ ۾ ڪم ڪيو، پر کيس صحيح معنيٰ ۾ شهرت ’عجب غضب لوَ‘ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان ملي. سندس ايندڙ فلمون آهن: ’رنگريز‘ ۽ ’ممبئي پوليس‘. جيڪي ڀاڳناڻيءَ جو پيءُ وشو ڀاڳناڻي پڻ ڄاتل سڃاتل فلم پروڊيوسر آهي، جنهن جون پيش ڪيل مشهور فلمون آهن: ڪولي نمبر-1 (1995ع)، مجهي ڪڇ ڪهنا هئي (2001ع)، رهنا هئي تيري دل ۾ (2002ع)، اوم جئه جگديش (2002ع)، شادي نمبر-1 (2005ع)، سلسلي (2005ع)، ڪل ڪس ني ديکا (2009ع) ۽ فالتو (2011ع) وغيره. هن ئي پنهنجي پٽ کي فلمن ۾ متعارف ڪرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.12.25  عيسوي

بالي ووڊ جو مشهور سنڌي پروڊيوسر ۽ اداڪار جيڪي ڀاڳناڻي، 25 ڊسمبر 1984ع ۾ ڪلڪتي، هندستان ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عرب ڪوڪو
ڪريم بخش چنا
خالد شمس الحسن
پوپ
حنا رباني کر
ڀاوناڻي موهن ديارام
ٽپٽائي مولوي عبدالله
آنند
صالح عليه السّلام
فاطمه ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون